لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي ضلعي اٽڪ ۾ سون جا ذخيرا دريافت ٿيا آهن.
پنجاب جي معدنيات واري نگران وزير ابراهيم حسن مراد دعويٰ ڪئي آهي ته اٽڪ ۾ سون جا ذخيرا دريافت ٿيا آهن.
هن چيو ته سون جي ذخيرن جي گڏيل ماليت 28 لک توله آهي. محتاط اندازي موجب ان سان 600 ارب روپين جو ناڻو جنريٽ ٿيندو جڏهن ته ان حوالي سان جيولوجيڪل سروي آف پاڪستان جي رپورٽ مڪمل ٿي وئي آهي.
ابراهيم حسن مراد چيو ته پليسر گولڊ جي 9 بلاڪس جي نشاندهي ٿي چڪي آهي جن جي نيلامي جلد ڪئي ويندي.
هن واضح ڪيو ته پاڪستان جيولوجيڪل سروي 127 سيمپلز جو معائنو ڪيو. سيمپلز ۾ سون سان گڏ زنڪ، سلور، نڪل، ميگنيز، ڪاپروغيرا جي به نشاندهي ٿي.
You might also like