سڀ کان ننڍي عمر جي اميدوار ڪهڙي پارٽي سان واسطو ۽ ڪهڙا خيال رکي ٿي؟

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پي ايس 102 ڪراچي مان پ پ جي سڀ کان ننڍي عمر جي اميدوار عقربه فاطمه ميدان ۾ آهي، 26 ورهين جي عقربه فاطمه جو چوڻ آهي ته سياست ۾ اچڻ جو مقصد عوام جي خدمت ڪرڻ آهي.
پاڪستان ۾ سڀاڻي عام چونڊون ٿي رهيون آهن پر مسئلا اتي جو اتي آهن، عوام هاڻ پراڻن سياستدانن جون ڳالهيون ٻڌي تنگ ٿي ويو آهي، ان ئي صورتحال ۾ ڪجهه نوان چهرا به ميدان ۾ لٿا آهن.
پ پ پي ايس 102 ڪراچي مان عقربه فاطمه کي ميدان ۾ لاٿو آهي، جيڪا پ پ جي سڀ کان ننڍي عمر جي اميدوار آهي.
عقربه موجب هاڻ وقت اچي ويو آهي ته نوجوان طبقو رائونڊ ٽيبل تي ويهي فيصلا ڪري، پاڪستان جو نوجوان نسل ملڪ جو مستقبل آهي، تنهن ڪري انهن کي بااختيار بڻايو ويندو.
هن چيو ته سياست ۾ اچڻ جو مقصد عوام جي خدمت ڪرڻ آهي، هاڻ ڏسڻو آهي ته عوام نون چهرن کي موقعو ٿو ڏئي يا پراڻن ماڻهن جي چونڊ ٿو ڪري.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.