هڪ مڇر عورت کي ”شرمسار“ ڪري سگهي ٿو!

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) نانا پاٽيڪر جو ڊائيلاگ آهي ته ايڪ مڇر انسان کي هجڙا بنا ديتا هي پر مڇر جي ڪري لائيو ٽي وي تي به ڏچو ٿي پوندو آهي.

آسٽريلوي نيوز رپورٽر سان به ائين ئي ٿيو ۽ کيس شرمسار ٿيڻو پيو.

انٽرنيٽ تي وائرل وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته آسٽريلوي رپورٽر اوچتو لائيو ٽي وي تي پاڻ کي چماٽ وهائي ڪڍي.

اهو دلچسپ واقعو ان وقت پيش آيو جڏهن آسٽريليا جي ٽو ڊي شو جي رپورٽر اينڊريا ڪروٿرز برسبين ۾ ٻوڏ جي صورتحال بابت رپورٽنگ ڪري رهي هئي.

جڏهن هو لائيو آن ايئر ٿي ته هڪ مڇر سندس نڪ تي ويهي رهيو جنهن سبب هو گهٻرائجي وئي ۽ ان کي هٽائڻ لاءِ هن ٿڦ هنئي.

بعد ۾ هن پنهنجي ئي انسٽاگرام پيج تي اها وڊيو به شيئر ڪئي ۽ ماڻهن کي ڀوڳ ڪرڻ جو موقعو ڏنو.

 

View this post on Instagram

 

A post shared by Andrea Crothers (@abcrothers)

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.