پي ايس ايل جي سيڪيورٽي لاءِ فوج ۽ رينجرز جون خدمتون طلب

لاهور (ويب ڊيسڪ ) پنجاب حڪومت پاڪستان سپر ليگ ( پي ايس ايل ) جي ميچن جي سيڪيورٽي لاءِ فوج ۽ رينجرز جون خدمتون جڏهن ته ميچز جي هوائي نگراني لاءِ هيلي ڪاپٽر جون خدمتون طلب ڪري ورتيون آهن.
پنجاب جي گهرو کاتي پي ايس ايل ميچن جي سيڪيورٽي لاءِ فوج ۽ رينجرز جون خدمتون حاصل ڪرڻ لاءِ ريڪوزيشن وفاقي حڪومت ڏانهن اُماڻي ڇڏي آهي.
رينجرز ۽ فوج لاهور، راولپنڊي ۽ ملتان جي ميچن لاءِ طلب ڪئي وئي آهي.
انکانسواءِ پنجاب سرڪار پي ايس ايل ميچن لاءِ فوج جي لائيٽ ڪمانڊو بٽالين ۽ هوائي نگراني لاءِ هيلي ڪاپٽر به طلب ڪري ورتو آهي ۽ ايس ايس جي ڪمانڊوز به طلب ڪيا ويا آهن.
واضح رهي ته پاڪستان سپر ليگ جي نائين ايڊيشن جا مقابلا سترنهن فيبروري کان ملڪ جي چئن شهرن ڪراچي، لاهور، ملتان ۽ راولپنڊي ۾ کيڏيا ويندا.
ميگا ايونٽ جو فائنل 18 مارچ تي ڪراچي جي نيشنل بئنڪ اسٽيڊيم ۾ کيڏيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.