”مون کي ڀوت کڻي ويو هو“ نئين ڪنوار هفتو گم رهڻ بعد واپس، بيان تي سڀ حيران

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) مظفرپور ۾ شادي جي هڪ هفتي بعد ئي نئين ڪنوار اهڙو ڪم ڪيو جو سڀ حيران ٿي پيا، جيستائين ڳالهه سمجهه ۾ اچي ها تيستائين گهڻو ڪجهه ٿي چڪو هو. پوليس کي اطلاع ڪيو ويو هو ته پوليس به فوري سرگرم ٿي وئي.

جاچ شروع ٿي ۽ پوليس نئين ڪنوار تائين پهچي وئي پر پوءِ ڪنوار جون ڳالهيون ٻڌي پوليس به دنگ رهجي وئي.

پوليس ڪنوار کان پڇي رهي هئي ته اها خاموش رهي، ان ئي دوران ڪنوار جا گهرڀاتي به پهچي ويا. ڪنوار پنهنجي ڏير کي چيو ته هو اڳ ڪٿي هئا ڇو نه پهتا هئا؟

سڄي معاملي جو انڪشاف عورت جي ڏير ڪيو. هن ٻڌايو ته ڪنوار کوهه ۾ ٽپو ڏئي آپگهات جي ڪوسش ڪئي هئي پر هوءَ خوش قسمتي سان بچي وئي هئي.

ٻڌايو پيو وڃي ته مقامي ماڻهن فوري عورت کي بچايو ۽ پوليس کي اطلاع ڏنو.

ناري پنهنجي مڙس سان جهيڙو ڪري ڪاوڙجي آئي هئي ۽ پوءِ هن آپگهات جي ڪوشش ڪئي.

پوليس جي پڇا ڳاڇا دوران ڪنوار کان سوال ڪيا ويا هئا ته اها اهو چئي رهي هئي ته کيس ڀوت پڪڙي ويو هو.

سٽي پوليس جو چوڻ آهي ته معاملي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.