عاطف اسلم جي بالي ووڊ ۾ واپسي جي خبرن تي هندو انتهاپسندن جي ڌمڪي

ممبئي (ويب ڊيسڪ) هندو انتهاپسند تنظيم عاطف اسلم جي بالي ووڊ ۾ واپسي جي خبرن تي ڌمڪي ڏئي ڇڏي.
رپورٽ موجب هندو انتهاپسند تنظيم مهاراشٽرا نونريمان سينا جي اڳواڻ راج ٺاڪري ڌمڪي ڏني آهي ته بالي ووڊ ۾ پاڪستاني آرٽسٽن کي برداشت نه ڪيو ويندو.
هندو انتهاپسند اڳواڻ جو چوڻ هو ته بالي ووڊ جو جيڪو پروڊيوسر عاطف اسلم کي ٻيهر بالي ووڊ ۾ آڻيندو ۽ هن لاءِ ريڊ ڪارپٽ وڇائڻ جي منصوبابندي ڪري رهيو آهي ان کي سنگين نتيجا ڀوڳڻا پوندا.
هڪ ٻئي هندو انتهاپسند اڳواڻ جو چوڻ هو ته بالي ووڊ ۾ پاڪستاني آرٽسٽن کي آڻيندڙن کي سندن اوقات ڏيکارڻ ضروري آهي. چئلينج ڪريان ٿو ته ڪو به پروڊيوسر، فلم ميڪر پاڪستاني آرٽسٽ کي پنهنجي پروجيڪٽ ۾ کڻڻ جي غلطي نه ڪري.
هندو انتهاپسندن عاطف اسلم جي حمايت ڪرڻ تي ڀارتي گلوڪار ارجيت سنگهه کي به تنقيد جو نشانو بڻايو. ڪجهه ڏينهن اڳ بالي ووڊ جي هڪ فلم ميڪر پنهنجي نئين فلم جي گيت عاطف اسلم ڳارائڻ جو اعلان ڪندي چيو هو ته عاطف اسلم جي 7 سالن کان پوءِ بالي ووڊ ۾ واپسي خوشي جي خبر آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.