پنجاب جو اهو قومي اسيمبلي تڪ، جنهن جا ٻه علائقا سنڌ ۾ آهن!

قومي اسيمبلي جو پنجاب صوبي مان هڪ تڪ اهڙو به آهي، جنهن جا ٻه علائقا سنڌ صوبي ۾ آهن ۽ ان جي نتيجي ۾ هڪ دلچسپ صورتحال پيدا ٿي وئي آهي، ظاهري طور تي سنڌ ۾ ويٺل ووٽر پنجاب مان اسيمبلي ميمبر جي چونڊ ڪندو.
قومي اسيمبلي جو اهو تڪ اين اي 174 آهي، جيڪو رحيم يار خان ضلعي جي تعلقي صادق آباد ۾ موجود آهي.
عام طور تي تڪبندين دوران ڪيترن ئي قسمن جا اعتراض سامهون ايندا آهن، جن ۾ سڀ کان وڏو اعتراض اهو هوندو آهي ته تڪن جون سرحدون اهڙيون نه ٺاهيون وڃن جو ووٽرن ۽ اميدوارن کي پهچ ۾ ڏکيائيون پيش اچن.
پر اين اي 174 جا ٻه علائقا نه رڳو باقي چونڊ تڪ کان ڌار آهن پر انهن ٻنهي علائقن ۽ باقي تڪ ۾ صوبائي سرحد به رنڊڪ آهي.
اها صورتحال رڳو تڪبندين سبب پيدا ناهي ٿي پر ان جو واسطو سنڌ ۽ پنجاب وچ ۾ صوبائي سرحدن سان به آهي.
سنڌ جي اتر حصي ۾ ماڇڪا نالي علائقو انتظامي لحاظ سان سنڌ جو حصو ناهي پر پنجاب جي ضلعي رحيم يار خان ۾ شامل آهي، ماڇڪا جي هڪ پاسي سنڌ جو ضلعو ڪشمور آهي ۽ ٻئي پاسي جيڪب آباد، باقي علائقو سنڌ جي ضلعي گهوٽڪي سان گهيريل آهي.
هتي ٻه يونين ڪائونسلون ماڇڪا ۽ کروڙ آهن، جن جي آبادي هڪ لک آهي، اها آبادي انتظامي لحاظ سان پنجاب جو حصو آهي.
انتظامي ورهاست جي بنياد تي ئي انهن ٻن علائقن کي پنجاب مان قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 174 جو حصو بڻايو ويو آهي.
ان ٻن علائقن لاءِ ماڇڪا ۾ پوليس اسٽيشن ماڇڪا قائم آهي، جڏهن ته ٻيون چوڪيون به موجود آهن.
اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان 2023 ۾ جڏهن تڪ بنديون ڪيون ته اين اي 174 جي تڪ بندي سان ڊپٽي ڪمشنر رحيم يار خان سرٽيفڪيٽ ڏنو ته ڪو روينيو ايونٽ ٻاهر ناهي ڇڏيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.