”وزيراعظم بلاول نه آصف زرداري بڻجندو“

فيصل آباد (ويب ڊيسڪ) استحڪام پاڪستان پارٽي جي اڳواڻ فياض الحسن چوهاڻ چيو آهي ته آءِ پي پي تقريبن 8 قومي اسيمبلي سيٽون کٽيندي، آزاد اميدوارن جو وڏو انگ چونڊن کانپوءِ آءِ پي پي ۾ شامل ٿيندو.
نجي ٽي وي چئنل سان گفتگو ڪندي فياض الحسن چوهاڻ چيو ته اسان جو 20 کان وڌيڪ ماڻهن تي ٻڌل پارلياماني گروپ قومي اسيمبلي ۾ هوندو، اسان جو اتحاد ن ليگ سان هوندو، ن ليگ آءِ پي پي، آزاد اميدوارن ۽ ايم ڪيو ايم کي وفاق جو حصو بڻائيندي.
هن چيو ته پنجاب اسيمبلي ۾ 60 سيڪڙو جي لڳ ڀڳ آزاد اميدوار گڏجي صوبائي حڪومت ٺاهيندا، بلاول ڀٽو اپوزيشن ليڊر ٿي سگهي ٿو پر وزيراعظم نه، وزيراعظم ٿيو ته آصف زرداري ٿيندو بلاول نه.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.