نواز شريف جي هڪ ٽوپي جي قيمت پاڪستاني خاندان جي مهيني جي خرچ برابر!

اڪثر پاڪستاني سياستدان پنهنجي ڏيک سان عوام جو ڌيان حاصل ڪندا آهن، سندن لباس ۽ ٻيون شيون سڀني کي پاڻ ڏانهن ڇڪينديون آهن.
اتي ئي وري انهن شين جي قيمت ٻڌي ماڻهو دنگ رهجي ويندا آهن.
سوشل ميڊيا تي ن ليگ قائد نواز شريف جي هڪ تصوير تمام گهڻي وائرل ٿي رهي آهي، مري ۾ چونڊ جلسي دوران نواز شريف کي ڪيپ ۽ ڪوٽ ۾ ڏٺو ويو.
ظاهري طور تي معمولي نظر ايندڙ ان ڪيپ جي قيمت سڀني کي حيران ڪري رهي آهي.

اٽلي جي مشهور برانڊ LoroPiana جي ان ڪيپ جي اصل قيمت 390 يورو آهي، جيڪي تقريبن هڪ لک 16 هزار کان وڌيڪ پاڪستاني رپيا ٿين ٿا، بيس بال ڪيپ جو رنگ سرمائي آهي.
مطلب جيڪڏهن ان هڪ ٽوپي جي قيمت ۽ هڪ عام پاڪستاني گهر جي راشن جي بجيٽ ڏٺي وڃي ته هڪ مهيني کان وڌيڪ جو راشن ته اچي سگهي ٿو.
هوڏانهن نواز شريف کي جيڪو ڪوٽ پاتل آهي، اهو به ڪو عام ڪوٽ ناهي، سوشل ميڊيا تي ان بابت دعويٰ ڪئي پئي وڃي ته اهو Cashmere Coat آهي، جنهن جي قيمت 4045 يورو آهي، جيڪي 14 لک 6 هزار 947 پاڪستاني رپيا ٿين ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.