لنڊن (ويب ڊيسڪ) برطانوي بادشاهه چارلس (ٽئين) ۾ ڪينسر ظاهر ٿي آهي.
بڪنگھم پيلس جي بيان موجب برطانوي بادشاهه چارلس ڪينسر ۾ مبتلا ٿي ويو آهي، بادشاهه جو سومر کان باقاعدهه علاج شروع ڪيو ويو آهي، هو پنهنجي علاج بابت مڪمل پراميد ۽ جلد پنهنجي عوامي ڊيوٽي تي واپس اچڻ لاءِ پرعزم آهي.
بڪنگھم پيلس پاران ڪينسر جي قسم يا اسٽيج بابت وڌيڪ وضاحت شيئر ناهي ڪئي وئي.
بيان موجب علاج دوران بادشاهه چارلس پنهنجون عوامي تقريبون ملتوي ڪري ڇڏيندو پر رياستي سربراهه جي طور تي پنهنجو آئيني ڪردار جاري رکندو جنهن ۾ ڪاغذي ڪارروائي ۽ نجي ملاقاتون شامل آهن.
واضح رهي ته گذريل مهيني ڪنگ چارلس جو خانگي اسپتال ۾ پروسٽيٽ جو ڪامياب آپريشن ٿيو هو.
Next Post
You might also like