وومين ڪرڪيٽر جويريا خان به شادي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي وئي، تصويرون وائرل

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان وومين ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان جويريا خان شاديءَ جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي وئي آهي
جويريا خان جي شادي جي تقريب ڪراچي ۾ ٿي گذري جنهن ۾ ويجهن مٽن مائٽن کانسواءِ قومي ٽيم جي رانديگرن شرڪت ڪئي.
جويريا خان جي شادي جون تصويرون ۽ وڊيوز سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويا آهن.

 

View this post on Instagram

 

A post shared by Ayesha Zafar (@ayesha.zafar79)


تصويرن ۾ هوءَ آف وائٽ عروسي جوڙي ۾ هلڪي ميڪ اپ ۽ جيولري ۾ نظر اچي رهي آهي.
واضح رهي ته جويريا خان 116 ون ڊي ۽ 122 ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل ميچن ۾ پاڪستان جي نمائدگي ڪري چڪي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.