بلاول توهان لاءِ ڪم ڪندو ۽ وڙهندو: آصفه ڀٽو زرداري

لاڙڪاڻو (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ آصفه ڀٽو زرداري چيو آهي ته توهان جو بنيادي حق صحت آهي، امير هجي يا غريب سڀني کي معياري علاج ملڻ گهرجي.
لاڙڪاڻي ۾ چونڊ جلسي کي خطاب ڪندي آصفه ڀٽو زرداري چيو ته رڳ پ پ غريب، مظلوم ۽ ضرورتمند کي پنهنجو مڃي ٿي، ماڻهن جا مسئلا اسان جا مسئلا آهن.
هن چيو ته ٻوڏ دوران بلاول توهان سان گڏ هو، کيس حڪومت ملي ته غريبن کي گهر ٺهرائي ڏيندو، 5 سالن ۾ پگهار ٻيڻي ڪندو، 300 يونٽن تائين مفت بجلي ڏيندو.
سندس چوڻ هو ته بلاول ڀٽو توهان لاءِ ڪم ڪندو ۽ وڙهندو، باقي ماڻهو ڪرسي جي لالچ ۾ سياست ڪري رهيا آهن، پ پ توهان لاءِ سياست ڪري رهي آهي، اسان توهان جي ڀلائي لاءِ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام آندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.