ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي محبت ته اڃا اڳتي هلي ٿيڻي آهي.
نجي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ بلاول ڀٽو زرداري کان سوال ڪيو ويو ته ڇا توهان کي ڪڏهن محبت ٿي آهي؟ جنهن تي هن جواب ڏنو ته محبت ته اڃا اڳتي هلي ٿيڻي آهي.
ميزبان وڌيڪ سوال ڪيو ته سياستدان نه هجو ها ته ڇا ڪيو ها؟ جنهن تي بلاول چيو ته توهان وارو ڪم ڪيان ها.
شادي بابت سوال تي پ پ چيئرمين چيو قوم مون کي اليڪشن تائين ته گهوٽ جي روپ ۾ نه ڏسندي.
کانئس سوال ڪيو ويو ته توهان کي سڀ کان وڌيڪ خوشي ڪهڙي مهل ٿيندي آهي؟ جنهن تي هن چيو ته پنهنجي ڀاڻيجن سان ملي تمام گهڻي خوشي ٿيندي آهي.
بلاول ڀٽو زرداري ملڪي صورتحال تي ڳالهائيندي چيو ته ملڪ جون موجوده سياسي حالتون انتهائي مايوس ڪندڙ آهن، قوم جي ڏکيائين کي ڏسي ڏاڍو ڏک ٿيندو آهي.
You might also like