جيڪڏهن اوهان به فيسبوڪ ذريعي پئسا ڪمائڻ چاهيو ٿا ته هاڻي ان لاءِ اوهان وٽ ڪيئي آپشن موجود آهن، جيڪي استعمال ڪري سولائي سان پنهنجي آمدني وڌائي سگهو ٿا.
دنيا جي مشهور ترين سماجي رابطن جي ويب سائيٽ فيسبوڪ ۾ سمورن واهپيدارن لاءِ پروفيشنل موڊ وارو فيچر متعارف ڪرايو ويو آهي جنهن جي مدد سان هو ان پليٽ فارم تان ججهو ناڻو ڪمائي سگهن ٿا.
فيسبوڪ جنهن جي ماهوار واهپيدارن جو انگ ٽي ارب کان وڌيڪ آهي ۽ گڏوگڏ فيسبوڪ آن لائين پئسن ڪمائڻ جو به بهترين ذريعو آهي.
ان لاءِ اِهو ڄاڻڻ لازمي آهي ته فيسبوڪ تان ناڻو ڪمائڻ لاءِ اوهان جي پئج تي ڪيترا فالوورز هجڻ ضروري آهن؟ جنهن کانپوءِ اوهان لاءِ آمدني جو رستو کُلي ويندو.
ان لاءِ مختلف شين کي نظر ۾ رکڻ ضروري آهي جهڙوڪ اوهان ڪهڙي فيسبوڪ پروگرام ذريعي پئسا ڪمائڻ چاهيو ٿا، ان پٽاندڙ فالوورز جي انگ ۽ ٻيا شرط پورا ڪرڻا پوندا آهن.
ياد رهي ته هر فيسبوڪ پروگرام جوحصو بڻجڻ لاءِ فيسبوڪ ڪميونٽي اسٽينڊرڊز ۽ پارٽنر مونيٽائيزيشن پاليسين تي عمل ڪرڻو پوندو آهي.
فيسبوڪ اسٽارز
اِهو فيچر سڀ کان پهريان 2021ع ۾ مختلف مُلڪن ۾ متعارف ڪرايو ويو هو ۽ هڪ سال کانپوءِ پاڪستاني واهپيدارن لاءِ پيش ڪيو ويو.
ان فيچر جي مدد سان ڪو به صارف پنهنجي تصويرن، وڊيوز، لائيو اسٽريم ۽ تحريري پوسٽن ذريعي پئسا ڪمائي سگهي ٿو.
فيسبوڪ اسٽارز لاءِ واهپيدارن کي پنهنجو هڪ پئج ٺاهڻو پوندو جنهن تي گهٽ ۾ گهٽ سٺ ڏينهن تائين پنج سئو فالوورز جو هجڻ ضروري هوندو.
اهڙي طرح ذاتي پروفائل ۾ پروفيشنل موڊ کي اِن ايبل ڪري به ان پروگرام جو حصو بڻجڻ ممڪن آهي پر ان لاءِ گهٽ ۾ گهٽ فالوورز جو انگ پنج سئو هجڻ ضروري آهي.
فيسبوڪ ڪميونٽي اسٽينڊرڊز ۽ پارٽنر مونيٽائزيشن پاليسين تي عمل ڪرڻ سان گڏوگڏ اسٽارز پروگرام جي شرطن ۽ ضابطن کي به تسليم ڪرڻو پوندو.
هڪ صارف پنهنجي فينز کي اسٽار گول ٻڌائي سگهي ٿو ته جيئن ماڻهو سندس مواد تي اسٽارز خريد ڪري سينڊ ڪري سگهن، انهن واهپيدارن کي بئنڪ اڪائونٽ يا پي پال جا تفصيل ڏيڻا پوندا ته جيئن پئسا اتي جمع ٿي سگهن.
ان اسٽريم ايڊز
فيسبوڪ جي آمدني جو سڀ کان وڏو ذريعو اشتهار آهن ۽ واهپيدار به ان مان حصو حاصل ڪري سگهن ٿا.
عام طور اسٽريم ايڊز فيسبوڪ وڊيوز جو حصو بڻجندا آهن ۽ ان پروگرام جو حصو بڻجڻ لاءِ هڪ اهڙو فيسبوڪ پئج ٺاهڻ جي ضرورت هوندي آهي جنهن جي فالوورز جو انگ گهٽ ۾ گهٽ ڏهه هزار هجي.
اوهان جي پئج جون وڊيوز تي گذريل سٺ ڏينهن دوران گهٽ ۾ گهٽ ڇهه لک ويوز هجڻ ضروري آهي، پئج تي گهٽ ۾ گهٽ پنج وڊيوز جي موجودگي لازمي هوندي جڏهن ته صارف جي گهٽ ۾ گهٽ عمر 18 هجڻ شرط آهي.
برانڊ ڪوليبز
ان پروگرام جو حصو بڻجڻ انهن اسٽريم ايڊز جي مقابلي ۾ سولو آهي، اوهان کي رڳو ڪنهن برانڊ سان ڀائيواري ڪرڻي پوندي جنهن جي عيوض اوهان کي آمدني ٿيندي، ان پروگرام جو حصو بڻجڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ هڪ هزار فالوورز واري پئج جو هجڻ ضروري آهي.
پئج تي گهٽ ۾ گهٽ 15 هزار پوسٽ انگيج منٽس لازمي آهي جڏهن ته وڊيوز کي هڪ لک هزار منٽن تائين ڏٺو ويو هجي يا ٽي منٽ ڊگهي وڊيوز جا ويوز ٽيهه هزار منٽس تائين هجن.
ان پروگرام جو حصو بڻجڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ عمر 18 سال رکي وئي آهي.
سبسڪرپشنز
هي به فيسبوڪ ذريعي آمدني جو هڪ پروگرام آهي جيڪو ڪجهه مُلڪن جهڙوڪ، آمريڪا، برطانيا، جرمني يا ڀارت تائين محدود آهي، ان کانسواءِ ٻاهر ٻين مُلڪن جا واهپيدار انويٽيشن/دعوت تي ئي ان جو حصو بڻجي سگهن ٿا.
ان پروگرام لاءِ به فيسبوڪ پئج ٺاهڻ جي ضرورت آهي جنهن جي فالوورز جو انگ گهٽ ۾ گهٽ ڏهه هزار هئڻ گهرجي.
پنج هزار پوسٽ انگيج منٽس ۽ هڪ لک اسي هزار منٽس تائين وڊيوز ويوز جهڙا شرط به پورا ڪرڻا پوندا.
فيسبوڪ ريلز
مئي 2023 ۾ ميٽا فيسبوڪ ۽ انسٽاگرام واهپيدارن لاءِ ريلز ذريعي پئسا ڪمائڻ وڌيڪ سولو بڻائڻ جو اعلان ڪيو هو.
ان مقصد لاءِ هڪ نئون پروگرام متعارف ڪرايو ويو جنهن تحت فيسبوڪ ۽ انسٽاگرام تي پوسٽ ڪيل مختصر وڊيوز ۾ وڌيڪ اشتهار ڏيکاريا ويندا.
اِهو پروگرام ڪمپني طرفان آمدني شيئرنگ جي روايتي طريقيڪار کان ڪجهه مختلف آهي، ميٽا موجب نئين ماڊل تحت تخليقڪارن کي سندن پبلڪ ريلز وڊيوز جي ڪارڪردگي جي بنياد تي پئسا ڏنا ويندا.
سولن لفظن ۾ صارف جي وڊيوز کي جيترا ڀيرا ڏٺو ويندو، آمدني ايترو اضافو ٿيندو، پوءِ ڀلي ان وڊيو تي اشتهاري آمدني گهٽ ئي ڇو نه هجي.
فلحال 52 مُلڪن جا واهپيدار ان پروگرام مان لاڀ حاصل ڪري سگهن ٿا، جنهن کي ڪجهه شرط به پورا ڪرڻا پوندا، واضح رهي ته انهن مُلڪن ۾ پاڪستان شامل نه آهي.
انهن واهپيدارن لاءِ ضروري هوندو ته کين پيمنٽ پروگرام لاءِ دعوت ڏني وڃي يا سندن اڳواٽ اسٽريم ايڊز جو رڪن هجڻ ضرورت آهي.
انهن صارفين جو هڪ پئج هجڻ ضروري هوندو يا نئون پئج ٺاهڻو پوندو يا وري پروفائلز تي پروفيشنل موڊ اِن ايبل ڪرڻو پوندو، اهڙن واهپيدارن جي عمر گهٽ ۾ گهٽ 18 سال هجڻ ضروري آهي.