تير ۽ شينهن کي ووٽ ڏيڻ جو مطلب ڪرپشن کي ووٽ ڏيڻ آهي: سراج الحق

لاهور (ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي قوم کي فيصلو ڪرڻو آهي ته شينهن جي صحيح جاءِ پڃرو آهي.
مال روڊ لاهور تي ڪشميرين سان يڪجهتي لاءِ نڪتل ريلي کي خطاب ڪندي سراج الحق چيو اسان الله پاڪ سان واعدو ٿا ڪيون ته رت جي آخري ڦڙي تائين ڪشمير ۽ فلسطين جي آزادي لاءِ جهاد ڪنداسين.
هن چيو ته پ پ ۽ ن ليگ کي ووٽ ڏيڻ ڪشميرين ۽ فلسطينين جي ڦٽن تي لوڻ ٻرڪڻ آهي، انهن حڪومت ۾ هوندي ڪشمير ۽ فلسطين لاءِ ڇا ڪيو؟ تير ۽ شينهن کي ووٽ ڏيڻ جو مطلب ڪرپشن کي ووٽ ڏيڻ آهي.
سندس چوڻ هو ته اسان وياج جي نظام جو خاتمو ڪنداسين، آءِ ايم ايف کي الوداع چونداسين، هر ٻار کي پڙهائينداسين ۽ نوجوانن کي روزگار ڏينداسين.
سراج الحق چيو اڄ نواز شريف ۽ آصف زرداري وٽ ناجائز دولت نه هجي ها ته اهي ڪائونسلر به نه ٿي سگهن ها.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.