ڪراچي: ورچوئل يونيورسٽي جو 13هون ڪانووڪيشن

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ورچوئل يونيورسٽي جو تيرهون ڪانووڪيشن ڪراچي جي هڪ مقامي هوٽل ۾ ٿيو جتي پنج فيڪلٽيز جي 550 شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ ڊگريون ورهايون ويون.
ڪانووڪيشن جو خاص مهمان سيڪريٽري جنرل ايشيا پيسفڪ يونين فار هائوسنگ فائنانس ضيغم محمود رضوي هو.
ان کانسواءِ ورچوئل يونيورسٽي جي ڊاڪٽر ارشد سليم ڀٽي (ريڪٽر)، ڊاڪٽر محسن جاويد، (ڊين فيڪلٽي آف سائنسز) ۽ ڊاڪٽر راجا فخر انعام (رجسٽرار) به تقريب ۾ شرڪت ڪئي.
خاص مهمان ضيغم محمود رضوي شاگردياڻين کي خطاب ڪندي چيو ته ورچوئل يونيورسٽي پاڪستان جو پهريون تعليمي ادارو آهي جنهن ۾ شاگرد جاب ڪرڻ سان گڏوگڏ تعليم حاصل ڪري سگهن ٿا.
هن چيو ته ورچوئل يونيورسٽي جي تعليم، اڄوڪي دور جي اهم ضرورت آهي، اهڙو احساس اسان کي ڪورونا دوران ٿيو. ورچوئل يونيورسٽي مان پڙهيل شاگرد ڏيهه توڻي پرڏيهه ۾ بهترين ادارن ۾ ڪم ڪري رهيا اهن.
ٻهراڙي وارن علائقن ۾ انٽرنيٽ جي مسئلن جي حوالي سان ضيغم محمود رضوي جو چوڻ هو ته هو اهڙن علائقن خاص طور تي بلوچستان جي ٻهراڙين ۾ انٽرنيٽ جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ سرور لڳائي رهيا آهن.
ڊين فيڪلٽي آف سائنسز ڊاڪٽر محسن جاويد جو چوڻ هو ته هي يونيورسٽي 22 سال اڳ ان خيال تحت قائم ڪئي وئي ته انٽرنيٽ جي ذريعي شاگردن کي اهڙي ئي تعليم ڏجي جيڪا فزيڪل ڏني ويندي آهي ۽ 300 شاگردن کان شروع ڪيل هي يونيورسٽي هاڻي ڏيڍ لک کان وڌيڪ شاگردن کي آن لائن تعليم ڏئي ٿي. اڄوڪي ڪانووڪيشن ۾ سڄي ملڪ مان 22 هزار شاگردن ۽ شاگردياڻين گريجوئيشن ڪئي آهي.
اسپيشل شاگردياڻي جو چوڻ هو ته ڪا به اهڙي يونيورسٽي نه هئي جتي هو آن لائن تعليم حاصل ڪري سگهي ها پر پوءِ کيس ورچوئل يونيورسٽي ڏاڍو سپورٽ ڪيو ۽ کيس تعليم حاصل ڪرڻ جو بهترين موقعو مليو، هن ٻڌايو هو مختلف جاين تي ملازمت ڪري چڪي آهي ۽ هاڻي به ڪري رهي آهي.
سائڪالاجي ۾ ڊگري ماڻيندڙ شاگرد ٻڌايو ته وچولي طبقي لاءِ اهو ڏکيو هوندو آهي ته تعليم جا خرچ برداشت ڪن، ان لاءِ نوڪري سان گڏوگڏ تعليم حاصل ڪرڻي پوندي آهي ۽ هي يونيورسٽي اهڙن ماڻهن لاءِ بهترين آهي.
ورچوئل يونيورسٽي مان بي ايس انجنيئرنگ ڪندڙ شاگردياڻي جو چوڻ هو ته هن نوڪري ڪرڻ سان گڏوگڏ پنهنجي تعليم حاصل ڪئي جنهن تي کيس خوشي آهي.
مقررن شاگردن کي مستقبل ۾ پنهنجي ذميوارين ۽ ملڪ جي ترقي ۾ حصو وٺڻ لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.
ڪانووڪيشن جي پڄاڻي تي شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ ڊگريون ورهائي سندن ڪاميابي جي ساراهه ڪئي وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.