ڪراچي، سکر سميت مختلف ضلعن جي 30 ماحولياتي نمونن ۾ پوليو وائرس جي تصديق

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ملڪ مختلف ضلعن جي 30 ماحولياتي نمونن ۾ پوليو وائرس جي تصديق، سنڌ، پنجاب، خيبرپختونخوا ۽ بلوچستان جي ماحولياتي نمونن ۾ وائس هجڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي.
30 مان 28 ماحولياتي نمونا جنوري 2024ع ۾ حاصل ڪيا ويا.
سنڌ ۾ ڪراچي جي سمورن ضلعن جي ماحولياتي نمونن ۾ پوليو وائرس جي تصديق ٿي، حيدرآباد، سکر ۽ ڄامشوري ۾ به پوليو وائرس جي نشاندهي ٿي آهي.
بلوچستان ۾ ڪوئيٽا، خضدار، ڪيچ، نصيرآباد، پشين ۽ چمن جي ماحولياتي نمونن ۾ پوليس وائرس جي تصديق ڪئي وئي.
خيبرپختونخوا ۾ پشاور جي ماحولياتي نمونن ۾ پوليو وائرس جي نشاندهي ٿي آهي.
پنجاب ۾ لاهور، راولپنڊي ۽ ڊيرا غازي خان جي ماحولياتي نمونن ۾ وائرس جي تصديق ٿي آهي.
گذريل سال سموري ملڪ جي 126 ماحولياتي نمونن ۾ پوليو وائرس جي تصديق ٿي هئي.
هلندڙ سال جنوري ۾ هنيئر تائين 28 ماحولياتي نمونن ۾ پوليو وائرس جي تصديق ٿي چڪي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.