کنڊ جو استعمال نه ڪرڻ سان جسم تي ڪهڙا اثر پون ٿا؟

صحت جي عالمي اداري موجب هڪ فرد کي 5 کان 10 چمچن جيتري هر قسم جي مٺاڻ جهڙو کنڊ يا غذائن ۾ موجود کنڊ جو استعمال ڪرڻ گھرجي.

پر اهو چوڻ جي ضرورت ناهي ته گھڻا ماڻهو روز تمام گھڻي مقدار ۾ کنڊ کي پنهنجي جسم جو حصو بڻائيندا آهن.

مختلف غذائن جهڙوڪ ميون، ڀاڄين، کير يا ان مان ٺهيل شين ۽ جنسن ۾ قدرتي کنڊ موجود هجي ٿي، اسان جو هاضمي جو نظام ان قدرتي مٺاڻ کي سستيءَ سان هضم ڪندو آهي ته جيئن جسم کي لاڳيتو توانائي فراهم ڪري سگھجي.

ان جي مقابلي ۾ کنڊ جسم ۾ وڃي فوري طور تي هضم ٿي ويندي آهي جنهن سان بلڊ شگر جي سطح ۾ تيزي سان اضافو ٿيندو آهي.

آمريڪن هارٽ ايسوسيئيشن موجب عورتن کي سڄي ڏينهن ۾ 25 گرام ( 6 چمچا) جڏهن ته مردن کي 36 گرام (9 چمچن) کان وڌيڪ کنڊ جي استعمال کان پاسو ڪرڻ گهرجي.

کنڊ جو استعمال ڇڏڻ سان ڇا ٿيندو آهي؟

جيئن مٿي بيان ڪيو ويو آهي ته قدرتي غذائن ۾ به کنڊ ڪاربوهائڊريٽس جي شڪل ۾ موجود هوندي آهي ۽ اسان جي جسم کي پنهنجن فعلن لاءِ کنڊ مان ملندڙ مٺاڻ جي ضرورت ناهي پوندي.

جيڪڏهن اوهان روز کنڊ جو گھڻي مقدار ۾ استعمال ڪريو ٿا ته ان کي اوچتو ڇڏي ڏيڻ سان مٿي ۾ سور، چِڙ اچڻ، ٿَڪُ، مٿي کي چڪر اچڻ ۽ ڌيان نه ڏئي سگھڻ جهڙين علامتن کي منهن ڏئي سگھجي ٿو.

پر جيڪڏهن اوهان کنڊ جو استعمال ڇڏي ڏيو ٿا ته پوءِ جسم تي جيڪي اثر پوندا اُهي هيٺ بيان ڪجن ٿا.

بلڊ شگر ۽ ميٽابولڪ صحت بهتر ٿيندي

کنڊ جو گھڻو استعمال بلڊ شگر ۾ واڌ جو سبب بڻبو آهي جنهن جي نتيجي ۾ لبلبي مان انسولين جو گھڻو مقدار خارج ٿيندو آهي.

انسولين اُهو هارمون آهي جيڪو بلد گلوڪوز جي سطح گھٽائيندو آهي.

جڏهن هر هر بلڊ شگر جي سطح ۾ گھٽتائڻ آڻڻ لاءِ انسولين خارج ٿيندو آهي ته ان سان انسولين جي مزاحمت پيدا ٿيندي آهي.

اهو هڪ اهڙو عارضو آهي جنهن دوران جيوگھرڙا انسولين تي درست طريقي سان ردعمل ظاهر ناهن ڪندا جنهن سان شگر ٽائيپ 2 جو خطرو وڌندو آهي.

کنڊ جو استعمال ڇڏي ڏيڻ سان انسولين جي سطح مستحڪم ٿيندي آهي جنهن سان انسولين جي مزاحمت جو خطرو گھٽجي ويندو آهي جڏهن ته ميٽابولڪ صحت بهتر ٿيندي آهي.

شروع ۾ مزاج چِيڙاڪ ٿي ويندو آهي

جڏهن کنڊ جو استعمال ڇڏي ڏيندا ته شروع ۾ مزاج چيڙاڪ ۽ ڪاوڙ جهڙو احساس ٿيندو.

بلڊ شگر مستحڪم ۽ معدي جي صحت بهتر ٿيڻ سان مزاج تي به خوشگوار اثر پوندا آهن.

دل جي مرضن جو خطرو گھٽ هوندو آهي

هڪ طبي تحقيق ۾ دريافت ڪيو ويو آهي ته کنڊ جي گھڻي استعمال سان دل جي مرضن سبب موت جو خطرو ٻيڻو ٿي ويندو آهي.

ان جو سبب ته واضح ناهي پر ماهرن جي خيال ۾ گھڻو مٺو کائڻ سان بلڊ پريشر جي سطح وڌندي آهي يا رت ۾ سڻڀ جو مقدار وڌي ويندو آهي، اهي بئي هارٽ اٽيڪ، فالج ۽ دل جي ٻين مرضن جو خطرو وڌائيندڙ عنصر آهن.

ان جي مقابلي ۾ کنڊ جو استعمال ڇڏي ڏيڻ سان رت ۾ سڻڀ جي سطح گهٽجي ويندي آهي جنهن سان دل جي شريانين جي صحت بهتر ٿيندي آهي ۽ دل جي مرصن جو خطرو گھٽ هوندو آهي.

جسماني وزن ۽ سوڄ گهٽجي سگھي ٿي، جسماني توانائي متاثر ٿي سگھي ٿي، کَلَ چمڪڻ لڳندي آهي، معدي ۽ مدافعتي نظام کي به فائدو ٿيندو آهي، ننڊ جو معيار بهتر ٿيندو آهي، وات جي

صحت به بهتر ٿيندي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.