ڪراچي (ويب ڊيسڪ) فيس بڪ جي مالڪ ڪمپني ميٽا پنهنجي سي اي او جي موت جو خدشو ظاهر ڪري ڇڏيو آهي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب ميٽا گذريل هفتي جاري ڪيل فنانشل رپورٽ ۾ زڪر برگ بابت ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته سي اي او ميٽا جون خطرن سان ڀريل سرگرميون سندس موت جو سبب بڻجي سگهن ٿيون، مارڪ زڪربرگ انهن ئي سرگرمين جي ڪري پنهنجي ڄنگهه ڀڃرائي چڪو آهي.
ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ مارڪ زڪربرگ کي مارشل آرٽس جي ٽريننگ دوران گوڏي تي ڌڪ لڳو هو ۽ کيس سرجري ڪرائڻي پئي هئي.