اوٻاوڙو (ويب ڊيسڪ) اوٻاوڙي ۾ ايڪسائيز پوليس پاران پڪڙيل ٽرالر کي باهه لڳي وئي.
ملڪ ڪالوني ۾ ايڪسائيز کاتي جي پراپرٽي ۾ بيٺل باهه لڳي وئي، اطلاع ڏيڻ باوجود ايڪسائيز کاتي جا عملدارن نه پهتا جنهن کان پوءِ شهرين جي اطلاع تي بائر برگيڊ جي گاڏي پهچي باهه تي ضابطو آندو.
باهه لڳڻ سبب ٽرالر جو ڪافي حصو سڙي ويو آهي، شهرين جو چوڻ هو ته اڳ به ڪيترائي ڀيرا ايڪسائيز کاتي جي پراپرٽي ۾ بيٺل گاڏين کي باهه لڳي هئي هن وقت تائين باهه لڳڻ واري معاملي جي جاچ ناهي ڪئي وئي.
شهرين اعليٰ اختيارين کان ٽرالر کي باهه لڳڻ واري واقعي جي جاچ جو مطالبو ڪيو آهي جڏهن ته علائقي ۾ چوٻول آهن ته ايسائيز عملدار هٿ سان گاڏين کي باهه ڏياري رهيا آهن.