جي ايف ايس بلڊرز طرفان ايس پي ايل ٽيم ”ڪراچي غازيز“ جي مان ۾ ڊنر

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) جي ايف بلڊرز ڊويلپرز طرفان سنڌ پريميئر ليگ ۾ بهترين ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ ٽيم ”ڪراچي غازيز“ جي رانديگرن جي مان ۾ مقامي هوٽل ۾ ڊنر جو اهتمام ڪيو ويو.
ان موقعي تي جي ايف ايس بلڊرز جو سي اي او عرفان واحد، منصور واحد مئنيجنگ ڊائريڪٽر، محسن واحد ڊائريڪٽر سيلز اينڊ مارڪيٽنگ سميت جي ايف ايس بلڊرز جا ٻيا ميمبر به موجود هئا.
عرفان واحد چيو ته راندين کي هٿي ڏيڻ ۾ جي ايف ايس بلڊرز پنهنجو نمايان ڪردار ادا ڪيو آهي، خاص طور ڪرڪيٽ کي هٿي ڏيڻ لاءِ اسان جو ادارو پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندو رهندو ته جيئن نوجوان نسل ۾ اسان بهترين ڪرڪيٽر پيدا ڪري سگهون، جيڪو صوبن جي سطح تي ايس پي ايل جهڙن ايونٽن سان ئي ممڪن آهي، اهڙيون رانديون ڪرائڻ جو مقصد ڪرڪيٽ سميت ٻين راندين کي اجاڳر ڪرڻ آهي ته جيئن پاڪستان ۾ به مستقبل ۾ بهترين ڪرڪيٽ آڻي سگهجن.
هن چيو ته مان سنڌ حڪومت جو ٿورائتو آهيان، جنهن راندين کي هٿي ڏيڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي، جنهن جي مدد سان هيل تائين سنڌ جي مختلف ٽيمن مان بهترين رانديگر گڏ ڪرڻ جو موقعو مليو آهي.
منصور واحد پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته سنڌ ڌرتي پاڪستان لاءِ جاويد ميانداد، سعيد انور، سرفراز احمد جهڙا ليجنڊ ڪرڪيٽر پيدا ڪيا آهن ۽ انشاءَالله اڳتي به سنڌ ڌرتي بهترين رانديگر پيدا ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي، جيڪو ڪم سنڌ پريميئر ليگ جهڙن ايونٽن سان آسان بڻائي سگهجي ٿو.
هن رانديگرن کي پنهنجي ۽ پنهنجي اداري طرفان مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرائيندي بهترين ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ رانديگرن کي اڳتي روڪ رقم انعام طور ڏيڻ جو به اعلان ڪيو.
واضح رهي ته ڪراچي غازيز جي سموري ٽيم جي محنت ۽ لڳاءَ کي ساراهڻ لاءِ جي ايف ايس بلڊرز جي سڄي ٽيم ۽ شهر جي ٻين معززن شرڪت ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.