بدترين هٿياربند تڪرارن جي عالمي درجه بندي، پاڪستان به شامل

بدترين هٿياربند تڪرارن جي عالمي درجه بندي ۾ پاڪستان، ڀارت ۽ بنگلاديش جي صورتحال کي لاڳيتو ڳڻتي جوڳو قرار ڏنو ويو.
بدترين هٿياربند تڪرارن جي درجه بندي ۾ پاڪستان جو نمبر 14، ڀارت جو 15 ۽ بنگلاديش جو 17 آهي. ٽنهي ملڪن ۾ حالتن کي نظر ۾ رکندي لاڳيتو ڳڻتي جوڳو قرار ڏنو ويو آهي.
آرمڊ ڪانفلڪٽ لوڪيشن ايونٽ ڊيٽا پراجيڪٽ (اي سي ايل اي ڊي) جي تازي رپورٽ ۾ ڀارت جي درجه بندي هڪ پوائنٽ جڏهن ته پاڪستان ۽ بنگلاديش جي پنج پنج پوائنٽ خراب ٿي آهي.
رپورٽ ۾ افغانستان ۾ به صورتحال کي پريشان ڪندڙ ٻڌايو ويو آهي پر درجه بندي ۾ ان جو نمبر 25 هون آهي ۽ ان جي پوزيشن 12 درجه بهتر ٿي آهي.
تازي رپورٽ 2022ع جي ڀيٽ ۾ 2023ع ۾ تڪرارن ۾ 12 سيڪڙو واڌ ٿي.
رپورٽ ۾ اهو به چيو ويو آهي ته رڪارڊ جي اعتبار سان سڀ کان وڌيڪ پُرتشدد واقعن جو شڪار 50 سرفهرست ملڪن کي گڏايو وڃي ته اهو دنيا جي 97 سيڪڙو تڪرار بڻجن ٿا.
ان لسٽ ۾ پهرين 10 ملڪن ۾ صورتحال گھڻي خراب آهي جن ۾ ميانمار، شام ۽ فلسطين جهڙا ملڪ شامل آهن.
واضح رهي ته اي سي ايل اي ڊي اهو ادارو آهي جيڪو سڄي دنيا ۾ هٿياربند تڪرارن، واقعن ۽ احتجاجي سرگرمين جو ريئل ٽائيم ڊيٽا گڏ ڪندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.