ڀارتي اسپنر روي ايشون امپائر سان اٽڪي پيو!

وشاڪاپٽنم( ويب ڊيسڪ ) انگلينڊ خلاف ٻي ٽيسٽ ميچ دوران ڀارتي اسپنر روي چندرن ايشون بيٽنگ دوران امپائر سان اٽڪي پيو.
ڀارت ۽ انگلينڊ وچ ۾ جاري ٻي ٽيسٽ ميچ جي پهرين ڏينهن يشسوي جئسوال انگلش ڪرڪيٽرز کان مبارڪباد وصول ڪري رهيو هو جڏهن ته ٻئي پاسي بيٽنگ تي موجود سندس پارٽنر روي چندرن ايشون امپائر سان بحث ڪندي نظر آيو.
سوشل ميڊيا تي وائرل وڊيو ۾ روي چندرن ايشون کي امپائر ماريس ايراسمس سان سخت لهجي ۾ ڳالهائيندي نظر اچي رهيو آهي جنهن ۾ اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هو ڪنهن ڳالهه تي پريشان آهي.
ميچ دوران ايشون اهڙو رويو ڇو اختيار ڪيو اِهو واضح ناهي ٿي سگهيو.


ميچ دوران ليگ اسپنر ريحان احمد ڏينهن جي آخري ڇهن بالن تي ايشون بيٽنگ ڪئي، پر ڏينهن جي آخري بال جو دفاع ڪرڻ کان ترت پوءِ هن امپار جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪايو ۽ ڪنهن شيءَ جي شڪايت ڪئي.
واضح رهي ته ٻي ٽيسٽ ميچ جي پهرين ڏينهن ڀارت ڇهن وڪيٽن جي نقصان تي 336 رنسون ٺاهي ورتيون آهن، يشسوي جئسوال 179 ۽ ايشون 5 رنسون ٺاهي ڪريز تي موجود آهي.
انگليند طرفان ڊيبيو ڪندڙ پاڪستاني ڄائي اسپنر شعيب بشير ٻه وڪيٽون حاصل ڪيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.