ڀارت: نئين دهلي جي 600 سال پراڻي مسجد شهيد

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي اختيارين نئين دهلي جي 600 سال پراڻي اخوند جي مسجد ۽ مدرسي بحرالعلوم کي شهيد ڪري ڇڏيو.
ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن موجب ڀارتي اختيارين مسجد جي اڱڻ ۾ موجود قبرون به ڊاهي ڇڏيون.
نئين دهلي جي علائقي سنجي وان ۾ ڪارروائي کان اڳ اتي موجود ماڻهن جون موبائيل فونز ضبط ڪيون ويون ته جيئن ڪارروائي جي وڊيو نه بڻائي سگھجي.
رپورٽن موجب اخوند جي مسجد التمش جي دور جي هئي جنهن کي مسجد جنات به چيو ويندو هو.
مسجد جي پيش امام موجب فجر جي نماز جي آذان کان اڳ دهلي ڊويلپمينٽ اٿارٽي جي اهلڪارن پوليس جي موجودگي ۾ مسجد کي شهيد ڪرڻ شروع ڪيو، اسان کي ڪنهن به قسم جو اڳواٽ اطلاع يا نوٽيس نه ڏنو ويو هو.
ٻي پاسي بنارس جي عدالت 17 هين صدي جي گيان واپس مسجد ۾ هندن کي پوجا جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.