ٽانڪ ۾ گهر جي ڇِت تي مارٽر گولو ڪرڻ سان همراهه مارجي ويو، زال ۽ ٻار زخمي

ٽانڪ (ويب ڊيسڪ) ٽانڪ ۾ گهر جي ڇت تي مارٽر گولو ڪرڻ سان هڪ شخص مارجي ويو، جڏهن ته عورت ۽ هڪ ٻار زخمي ٿي پيو.
گذريل رات اڻڄاتل پاسي کان ايندڙ مارٽر گولو عمر اڏي ۾ گهر تي ڪِريو، جنهن جي نتيجي ۾ 65 ورهين جو شخص مارجي ويو، جڏهن ته سندس زال ۽ ٻار زخمي ٿي پيو.
لاش ۽ زخمين کي اسپتال نيو ويو، جڏهن ته پوليس ۽ سيڪيورٽي جي وڏي نفري واقعي واري هنڌ پهچي آپريشن شروع ڪري ڇڏيو.
هوڏانهن گهر تي مارٽر گولو ڪرڻ خلاف سوين شهرين احتجاجي مظاهرو ڪيو.
متاثرن لاش شهر ۾ ڪشمير چوڪ تي رکي احتجاج ڪيو ۽ سمورا روڊ بند ڪري ڇڏيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.