سنڌ مان هني مون ملهائڻ لاءِ ڪشمير ويل جوڙي سان خوفناڪ حادثو

مظفر آباد (ويب ڊيسڪ) نيلم وادي ۾ ڪٽن واري هنڌ ريسٽ هائوس جي ڪمري ۾ مبينا طور گئس ڀرجڻ سبب سنڌ جي علائقي ٽنڊي الهيار سان واسطو رکندڙ گهوٽ زندگي جي جنگ هارائي ويو، جڏهن ته زندگي ۽ موت جي ٻه واٽي تي بيٺل ڪنوار کي مظفرآباد منتقل ڪيو ويو.
نيلم پوليس موجب ٽنڊي الهيار سان واسطو رکندڙ احسن ۽ حانيه ڪٽن واري هنڌ هڪ ريسٽ هائوس ۾ ترسيل هئا، صبح دير تان ڪمري جو دل نه کلڻ تي عملي پوليس کي اطلاع ڏنو.
گيسٽ هائوس جي عملي جي اطلاع تي پوليس در ڀڃي داخل ٿي ۽ هني مون لاءِ ايندڙ نئين جوڙي کي ريسڪيو ڪيو.
گهوٽ احسن الياس مبينا طور ساهه منجهڻ سبب فوت ٿي ويو، جڏهن ته ڪنوار حانيه کي ڪمپائنڊ ملٽري اسپتال مظفرآباد ريفر ڪيو ويو.
پوليس موجب واقعي جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي، احسن جو مڙهه پوسٽ مارٽم لاءِ نيو ويو آهي، رپورٽ اچڻ تي وڌيڪ خبر پوندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.