ڇا اوهان روز گوشت کائڻ پسند ڪندا آهيو؟ جيڪڏهن ها ته اوهان جي اها عادت الزائمر جهڙي سنگين دماغي مرض جو شڪار بڻائي سگھي ٿي.
اها ڳالهه آسٽريليا ۾ ٿيل طبي تحقيق ۾ سامهون آئي.
بونڊ يونيورسٽي جي تحقيق ۾ ٻڌايو ويو اهي ته گوشت ۽ پراسيس غذائن جي گھڻي استعمال ۽ الزائمر مرضن مان متاثر ٿيڻ وچ ۾ مضبوط واسطو آهي.
تحقيق ۾ 438 ماڻهن جي ڊيٽا جي ڇنڊ ڇاڻ ڪئي وئي هئي جن مان 108 الزائمر جو شڪار هئا جڏهن ته 330 صحتمند هئا، انهن ماڻهن جي غذائي عادتن جو جائزو ورتو ويو هو.
نتيجن مان خبر پئي ته جن ماڻهن ۾ الزائمر ظاهر ٿيو هو، اُهي گوشت، پيزا ۽ ٻين پراسيس غذائن کي اڪثر کائڻ پسند ڪندا هئا.
ان سان گڏوگڏ اهي ماڻهو ميون ۽ ڀاڄين جو تمام گھٽ استعمال ڪندا هئا.
واضح رهي ته الزائمر مرض ڊيمينشيا جو موتمار قسم آهي جنهن جو هن وقت ڪو به علاج نه اهي.
محققن ٻڌايو ته جوان ماڻهن کي وچولي عمر يا پوڙهائپ ۾ پنهنجي دماغ کي تحفظ فراهم ڪرڻ لاءِ صحت لاءِ فائديمند غذائن جو استعمال ڪرڻ گھرجي.
هنن چيو ته الزائمر مرصن جي شروعات وچولي عمر ۾ ٿيندي آهي ۽ جواني ۾ صحت لاءِ هاڃيڪار طرز زندگي ان جو سبب بڻبي آهي.
سندن چوڻ هو ته ساون پنن وارين ڀاڄين، گھر ۾ پڪل کاڌن جو استعمال وڌيڪ ڪرڻ گھرجي جڏهن ته جنڪ يا پراسيس فوڊز جو گھٽ کان گھٽ استعمال ڪرڻ گھرجي.
محققن موجب اسان جون غذائي عادتون دماغي صحت تي اثرانداز ٿينديون آهن جڏهن ته دل جي شريانين جا مسئلا ۽ ٿولهه جو خطرو به وڌندو آهي.
اها پهرين تحقيق آهي جنهن ۾ پراسيس غذائن ۽ الزائمر وچ ۾ واسطو ظاهر ٿيو آهي.
هاڻي محققن پاران الزائمر ۽ ننڊ وچ ۾ مسئلن، ڊپريشن، شادي شدهه حيثيت ۽ پيشيوراڻي زندگي وچ ۾ واسطي تي تحقيق ڪئي ويندي.
ان تحقيق جا نتيجا جرنل آف الزائمر ڊزيز ۾ ڇپيل آهن.
Next Post
You might also like