عماد وسيم رٽائرمينٽ واپس وٺڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو

دبئي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي آل رائونڊر عماد وسيم عالمي ڪرڪيٽ ۾ واپسي جو اشارو ڏئي ڇڏيو.
نجي ٽي وي چئنل سان گفتگو ڪندي اڳوڻي آل رائونڊر عماد وسيم مخصوص شرطن تي عالمي ڪرڪيٽ ۾ واپسي لاءِ راضپو ظاهر ڪيو آهي.
عماد وسيم رٽائرمينٽ واري فيصلي بابت چيو ته عالمي ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو فيصلو درست هو پر جيڪڏهن پاڪستان کي سندس ضرورت هوندي ته هو واپس اچڻ لاءِ تيار آهي.
هن چيو ته ٽيم انتظاميا جيڪڏهن ٽيم سندس رول بابت وضاحت ڪري ته هو اڳتي وڌي پنهنجو فيصلو واپس وٺڻ لاءِ تيار آهي.
هن وڌيڪ چيو ته چاهيان ٿوته پاڪستان ڪرڪيٽ صحيح انداز ۽ صحيح ڪامبينيشن سان کيڏي، رٽارئرمينٽ واري فيصلي مان مطمئن ۽ خوش آهيان، هاڻي به پوري دنيا ۾ ڪرڪيٽ کيڏي رهيو آهيان.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.