103 ورهين جي شخص شادي ڪري ڇڏي

جيڪڏهن ڪو اوهان کان پڇي ته شادي ڪرڻ جي بهترين عمر ڪهڙي آهي ته اوهان ڪهڙو جواب ڏيندا؟

حقيقت ته اها اهي ته ان سوال جو جواب سادو ناهي ڇو جو هر فرد مختلف هوندو آهي ۽ شادي لاءِ ڪنهن عمر جو تعين ڪرڻ ممڪن ناهي.

پر 100 کان وڌيڪ عمر کان پوءِ شادي ڪرڻ بابت اوهان جو ڇا خيال آهي؟

يقين ڪرڻ ڏکيو هوندو پر ڀارت ۾ 103 ورهين جي شخص 49 ورهين جي عورت سان شادي ڪئي آهي.

ڀارتي رياست مڌيا پرديش جي شهر ڀوپال ۾ 103 ورهين حبيب نذر 49 ورهين جي فيروز جهان سان شادي ڪئي آهي.

هنن شادي2023ع ۾ ڪئي هئي پر سندس شادي جي وڊيو هاڻي وائرل ٿي آهي، جنهن کان جوڙو ميڊيا جي ڌيان جو مرڪز بڻجي ويو آهي.

حبيب نذر جي ٻي زال جي لاڏاڻو ڪجهه عرصو اڳ ٿيو هو ان کانپوءِ هن شادي فيروز جهان سان شادي ڪئي.

حبيب نذر ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته آئون 103 ورهين جو ٿي چڪو آهيان ۽ منهنجي زال 49 ورهين جي آهي.

حبیب نذر اپنی اہلیہ فیروز جہاں کے ساتھ / اسکرین شاٹ

هن وڌيڪ ٻڌايو ته منهنجي پهرين شادي ناسڪ شهر ۾ ٿي هئي ۽ پهرين زال جي لاڏاڻي کان پوءِ آئون لکنئو لڏي آيس جتي ٻي شادي ڪئي.

سندس چوڻ هو ته ٻي زال جي لاڏاني کان پوءِ هو پاڻ کي اڪيلو محسوس ڪندو هو ۽ ان ڪري هن ٽين شادي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.

عورت فيروز جهان جي اها ٻي شادي آهي سندس پهريون مڙس لاڏاڻو ڪري چڪو آهي.

هن حبيب نذر سان ان ڪري شادي ڪرڻ جي حامي ڀري ڇو جو هن جو خيال رکڻ وارو ڪو به نه هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.