پوليس پاران بدنام ڌاڙيل خيرو تيغاڻي کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

شڪارپور (ويب ڊيسڪ) پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪندي خيرو تيغاڻي گينگ جي سربراهه بدنام ڌاڙيل خيرو تيغاڻي کي گرفتار ڪري ورتو.
شڪارپور جي ڪچي جي علائقي ڳڙهي تيغي جي ڌاڙيل خيرو تيغاڻي کي پوليس آپريشن دوران گرفتار ڪيو ويو.
ايس ايس پي محمد عمران خان موجب ڪجهه ڏينهن اڳ ڪچي ۾ ڌاڙيلن جو پاڻ ۾ جهيڙو ٿيو هو، جنهن ۾ فائرنگ ڪئي وئي، ان ۾ خيرو تيغاڻي زخمي ٿي پيو هو.
ايس ايس پي ٻڌايو ته زخمي ڌاڙيل کي رحيم يار خان جي اسپتال منتقل ڪيو ويو ته ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪندي پوليس گهربل ڌاڙيل کي اسپتال مان گرفتار ڪري ورتو.
خيرو تيغاڻي 40 کان وڌيڪ ڪيسن ۾ پوليس کي گهربل هو ۽ سنڌ حڪومت سندس جيئري يا مئل حالت ۾ گرفتاري تي 70 لک انعام رکيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.