اهڙو حڪم نه ٿا ڏيڻ چاهيون جيڪو اليڪشن ۾ دير جو سبب بڻجي: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ نامزدگي ڪاغذن جي منظوري بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران جسٽس جمال مندوخيل رمارڪس ڏيندي چيو ته هو اهڙو حڪم نه ٿا ڏيڻ چاهن جيڪو چونڊن ۾ دير جو سبب بڻجي.
سپريم ڪورٽ جي جسٽس جمال خان مندوخيل پنجاب اسيمبلي جي تڪ پ پ 224 تان اميدوار جي نامزدگي ڪاغذن جي منظوري لاءِ داخل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، ان سلسلي ۾ اليڪشن ڪميشن جو خاص سيڪريٽري عدالت ۾ پيش ٿيو.
ٻڌڻي دوران عدالت چيو ته درخواستگذار اپيل داخل ڪرڻ ۾ 12 ڏينهن دير ڪئي، وقت سر درخواست داخل ٿئي ها ته چونڊن لاءِ اجازت ملي سگهي پئي، هو اهڙو حڪم نٿا ڏيڻ چاهن جيڪو اليڪشن ۾ دير جو سبب بڻجي.
جسٽس جمال اسپيشل سيڪريٽري کان پڇاڻو ڪيو ته اليڪشن ڪميشن شيڊيول ايترو مختصر ڇو رکيو آهي؟ اليڪشن ڪميشن کي ڄاڻ هئڻ گهرجي ها ته اپيلون به داخل ٿيڻو آهن.
جنهن اليڪشن ڪميشن جي اسپيشل سيڪريٽري ظفر اقبال عدالت کي ٻڌايو ته هن مرحلي تي ڪاغذ منظور ڪيا ته تڪ ۾ چونڊون دير جو شڪار ٿي سگهن ٿيون، بيلٽ پيپرز جي پرينٽنگ جو عمل مڪمل ٿي چڪو آهي ۽ ڪيئي ضلعن ۾ بيلٽ پيپرز پهچائڻ جو عمل جاري آهي.
اسپيشل سيڪريٽري پنهنجي ڳالهه جاري رکندي چيو ته مجموعي طور تي 859 تڪن لاءِ 26 ڪروڙ بيلٽ پيپرز ڇاپيا ويا آهن، گذريل چونڊن دوران 850 ۽ هن دفعي 2170 ٽن ڪاغذ گهرايو ويو آهي، اميدوار وڌيڪ هئڻ سبب بيلٽ پيپرز لاءِ 2400 ٽن ڪاغذ گهربل هو، ڪاغذ جي پورائي لاءِ بيلٽ پيپر جي سائز گهٽائي وئي آهي.
عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ پي پي 224 تان اميدوار جي نامزدگي ڪاغذن جي منظور لاءِ درخواست درخواست رد ڪري ڇڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.