ريئل ۾ پرو سيريز جا 2 نوان فون متعارف

سمارٽ فون ٺاهيندڙ چيني ڪمپني ريئل مي پنهنجي مشهور سيريز پرو جا ٻه سمارٽ فونز متعارف ڪرائي ڇڏيا.
ڪمپني ريئل مي 12 ۽ ريئل مي 12 پرو پلس کي بهترين ڪيمرائن، فاسٽ چارجر ۽ طاقتور بيٽري سان گڏ متعارف ڪرائي ڇڏيو.
ڪمپني ٻنهي فونز کي تقريبن هڪ جيتري ئي اسڪرين 6.7 انچن سان پيش ڪيو آهي جڏهن ته ٻنهي فونز ۾ اينڊرائڊ 14 جو آپريٽنگ سسٽم ڏنو ويو آهي.
ٻنهي فونز کي طاقتور 5 هزار ايم اي ايڇ جي بيٽري ۽ 67 واٽ فاسٽ چارجرز سان گڏ پيش ڪيو ويو آهي، پر پرو پلس ۾ 100 واٽ جو وائرليس چارجر به ڏنو ويو آهي.
ٻين فونز ۾ فنگر پرنٽ سينسر سميت ٻيا سيڪيورٽي فيچرز به ڏنا ويا آهن جڏهن ته ٻنهي کي 8 ۽ 12 جي بي ريم جڏهن ته 128۽ 256 جي بي جي ميموري مالز ۾ پيش ڪيو ويو آهي.
ٻنهي فونز ۾ سڀ کان وڏو فرق ڪيمرائن جو آهي ۽ ريئل مي 12 پرو پلس کي بهترين ڪيمرائن سان گڏ متعارف ڪرايو ويو آهي.
ڪمپني ريئل مي 12 پرو پلس کي به ٽن بيڪ ڪيمرائن سان گڏ پيش ڪيو آهي جڏهن ته ان جي فرنٽ تي به 32 ميگا پڪسل ڪيمرا ڏني وئي آهي.
ان فون جي بيڪ تي مين ڪيمرا 50 ميگا پڪسل، ٻي 64 ميگا پڪسل جڏهن ته ٽين 8 ميگا پڪسل جي ڪيمرا ڏني وئي آهي.
ڪمپني ريئل مي 12 پرو جي 8 جي بي ماڊل جي قيمت 85 هزار روپين جڏهن ته 12 جي بي ماڊل کي 90 هزار روپين جي قيمت ۾ پيش ڪيو ويو آهي.
اهڙيءَ طرح ڪمپني ريئل مي 12 پرو پلس جي 8 جي بي مادل کي هڪ لک 6 هزار روپين جڏهن ته 12 جي بي ريم کي 1 لک 13 هزار روپين جي قيمت ۾ پيش ڪيو آهي.
ڪمپني فوري طور تي ٻنهي فونز کي رڳو ڀارت ۾ پيش ڪيو آهي، پر جلد ان کي ٻين ملڪن ۾ به پيش ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.