آءِ ايم ايف جي پاڪستان جي معاشي ترقي بابت اهم اڳڪٿي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) هلندڙ مالي سال پاڪستان جي معاشي ترقي جي رفتار سست رهڻ جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي.
آءِ ايم ايف ورلڊ اڪنامڪ آئوٽ لڪ اپ ڊيٽ رپورٽ جاري ڪري ڇڏي، آءِ ايم ايف موجب هن سال پاڪستان ۾ معاشي ترقي جي رفتار ٻه سيڪڙو رهڻ جو امڪان آهي.
آءِ ايم ايف آڪٽوبر 2023 ۾ 2.5 سيڪڙو معاشي ترقي جو ڪاٿو لڳايو هو.
آءِ ايم ايف جو چوڻ آهي ته حڪومت هلندڙ مالي سال معاشي اوسر جي شرح جو هدف 3.5 سيڪڙو مقرر ڪيو آهي، ايندڙ مالي سال معاشي اوسر جي شرح وڌي 3.5 سيڪڙو تائين ٿي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.