سوڊان ۾ ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، پاڪستاني سميت 54 ڄڻا مارجي ويا

خرطوم (ويب ڊيسڪ) سوڊان ۽ ڏکڻ سوڊان وچ ۾ تڪراري علائقي ابيي ۾ مخالف ڌرين جي جهيڙي 54 ڄڻا مارجي ويا ۽ 64 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

سوڊان ۾ تڪراري علائقي ۾ چڪريون ٿيون جنهن ۾ گڏيل قومن جي امن مشن جا 2 اهلڪار به مارجي ويا جڏهن ته امدادي سرگرمين دوران پاڪستاني امن مشن جو هڪ اهلڪار به شهيد ٿي ويو.

پاڪ فوج جي ترجمان اداري موجب سوڊان ۽ ڏکڻ سوڊان جي تڪراري علائقي ۾ مقرر پاڪستان جي امن جٿي جا اهلڪار ٻن مريضن کي اسپتال کڻي وڃي هيا هئا ته مٿن فائرنگ ڪئي وئي، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ پاڪ فوج جو سپاهي محمد طارق شهيد ٿي ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.