جيڪا ڳالهه دِل کي وڻي ڪري ڇڏيو، ماڻهن جي پرواهه نه ڪيو، شعيب ملڪ جي صلاح

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شعيب ملڪ مشورو ڏيندي چيو آهي ته جيڪو دِل کي وڻي انسان کي اِهو ڪرڻ گهرجي.
قومي ڪرڪيٽر شعيب ملڪ ۽ ادڪارا ثناءَ جاويد اڄڪلهه ٻي شادي سبب خبرن ۾ آهن، ان دوران شعيب ملڪ جا ڪٿي اڳوڻي گهرواري ثانيا مرزا سان گڏ ته ڪٿي ڌار ڏنل مختلف انٽرويوز جا ڪلپس وائرل ٿي رهيا آهن.
تازو هڪ ڊجيٽل چئنل طرفان شعيب ملڪ جي وڊيو انٽرويو شيئر ڪئي وئي آهي جنهن ۾ ميزبان حنا الطاف جي هڪ سوال جي جواب ۾ ماڻهن کي صلاح ڏني.
شعيب ملڪ جو چوڻ آهي ته انسان جي دل جيڪو چاهي کيس اِهو ڪرڻ گهرجي، اِهو نه سوچيو ته ماڻهو ڇا چوندا، اوهان جيڪو ڪرڻ چاهيو ٿا اِهو ڪيو، پوءِ ڀلي اوهان کي ان لاءِ ڏهه سال لڳن، ويهه لڳن جيڪڏهن ويهه سالن کانپوءِ به سمجهه اچي ته ڪرڻ گهرجي.
اڳوڻي ڪپتان چيو ته جيڪڏهن اوهان ڪجهه به نٿا ڪيو ته ماڻهن جو ڪم سوچڻ ئي آهي، ڪجهه اهڙيون شيون هونديون آهن جيڪي اسان ناهيون سوچيندا پر ماڻهو اسان بابت سمجهندا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.