بلاول کي مناظري بدران معائني جي دعوت

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جي صدر ۽ پاڪستان جي اڳوڻي وزيراعظم شهباز شريف پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي مناظري جي دعوت بعد ايڪس تي جواب ۾ مناظري بدران سنڌ جي معائني جي ڳالهه ڪئي.

سندس بيان پنجاب ۽ سنڌ جي ترقي جي حوالي سان سوشل ميڊيا واهپيدارن ۾ نئين بحث کي جنم ڏنو.

ڪجهه ماڻهو مسلم ليگ ن طرفان ان کي سپر جواب ته ڪي وري ٻنهي پارٽين جي پراڻي روايت قرار ڏيندي مختلف تبصرا ڪري رهيا آهن.

شهباز شريف ايڪس تي بلاول ڀٽو زرداري جو نالو وٺڻ کانسواءِ چيو ته ڪالهه هڪ صاحب نواز شريف کي مناظري جي دعوت ڏني، اهو نواز شريف کي مناظري بدران سنڌ جي معائني جي دعوت ڏئي ها ته سٺو هو، مناظرو به ٿي ويندو ۽ ڀيٽ به.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.