پنڻ ۾ ملوثن کي بليڪ لسٽ ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني پارلياماني ڪميٽي عمري جي ويزا تي ويندڙ گداگري ۾ ملوث شهرين کي بليڪ لسٽ ڪرڻ تي غور ڪري رهي آهي.

اها تجويز پاڪستاني سينيٽ جي پرڏيهي معاملن واري ڪميٽي آڏو رکي وئي آهي.

مبصرن چيو آهي ته ڪميٽي انهن پاڪستاني شهرين جا پاسپورٽ ضبط ڪندي جيڪي عمري جي ويزا تي سعودي عرب ۾ پنندا وتندا آهن.

پاڪستاني گهرو وزارت جي آفيسرن چيو آهي ته ”گذريل ٻن سالن ۾ 44 هزار پاڪستانين کي پرڏيهه وڃڻ کان روڪيو ويو آهي“.

هي اهي ماڻهو آهن جيڪي عمري جي ويزا تي ويندا آهن ۽ پنڻ ۾ ملوث هئا ۽ گرفتار ڪيا ويا ۽ جلاوطن ڪيا ويا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.