بائيو ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ 11 هزار ملازمتون

رياض (ويب ڊيسڪ) سعودي عرب ۾ بائيو ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ تيزي سان ترقي ٿي رهي آهي ۽ ان ۾ سيڙپڪاري ۽ دوائون ٺاهڻ لاءِ ڪيترائي موقعا موجود آهن.

سعودي ڪنگ عبدالعزيز سٽي سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي ۽ صحت جي معاملن جي نائب صدر ڊاڪٽر بتول چيو آهي ته ولي عهد شهزادي محمد بن سلامن بائيو ٽيڪنالاجي لاءِ قومي حڪمت عملي جي شروعات ڪئي آهي جنهن سان ان شعبي ۾ سعودي عرب جو ڪردار ۽ مقام اجاڳر ٿيندو.

سال 2040 تائين هن شعبي ۾ 11 هزار ملازمتون پيدا ٿينديون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.