ملير (ويب ڊيسڪ) پي ايس 84 ملير ۾ پ پ جي نامزد اميدوار محمد يوسف مرتضيٰ بلوچ ۽ اين اي231 ملير جي نامزد اميدوار عبدالحڪيم بلوچ، علي گوهر ابڙو سان گڏجي ملير ڪنٽونمينٽ جو دورو ڪيو.
پ پ جي نامزد اميدوارن غلام حسين ڳوٺ، سومار ڇٽو ڳوٺ، گلشن عمير، بلاول جوکيو ڳوٺ ۽ سيد وليج سميت ٻين علائقن ۾ ڪارنر گڏجاڻيون ڪيون.
ان موقعي تي عوام عبدالحڪيم بلوچ ۽ محمد يوسف مرتضيٰ بلوچ جي حمايت جو اعلان ڪيو ۽ ڀرپور ووٽ ڪاسٽ ڪري وڏي ليڊ سان ڪامياب ڪرائڻ جو عزم ڪيو.
Prev Post
Next Post
You might also like