ڀارت بلوچ نوجوانن کي پروپيگئنڊا مواد ترجمو ڪرڻ لاءِ ڊالر ڏيڻ لڳو

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت پاڪستان دشمني ۾ سموريون حدون پار ڪري ڇڏيون، بلوچ نوجوانن کي پنهنجي ڪُڌن مقصدن لاءِ استعمال ڪرڻ جو ڀارتي منصوبو وائکو ٿي ويو.

ڀارت بلوچ نوجوانن کي ڊالرز عيوض سوشل ميڊيا تي پاڪستان مخالف پروپيگئنڊا لاءِ آن لائين نوڪريون ڏيڻ جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو آهي.

ڀارتي ڪمپني پنهنجي ويب سائيٽ تي بلوچ نوجوانن کي نوڪري ڏيڻ جي حوالي سان اشتهار به جاري ڪيو آهي.

ڪمپني پنهنجي ايڪس اڪائونٽ تي به نوڪري جي حوالي سان تفصيل جاري ڪيا آهن، جنهن ۾ کين انگريزي کان بلوچ ٻولي ۾ مواد جو ترجمون ڪرڻو آهي.

اهڙن قدمن جو مقصد اهڙو مواد بلوچي ٻولي ۾ شايع ڪرڻ آهي جنهن سان بلوچ قوم جي ذهن کي پاڪستان مخالف بڻائي سگھجي، ڪمپني بلوچ نوجوان کي ترجمون ڪرڻ عيوض ڊالر ڏيندي.

ڀارت منظم سازش تحت پاڪستاني زمين کي پنهنجن ڪُڌن مقصدن لاءِ استعمال ڪرڻ چاهي ٿو، ڀارتي پروپيگئنڊا ساز ذهن معصوم بلوچ نوجوانن کي پاڪستان جي خلاف مڇرائي دهشتگردي ۽ ٻين خطرناڪ مقصد پورا ڪرڻ تائين پهچائڻ چاهي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.