پيءُ هٿان وڪرو ڪيل جاڙيون ڀينر سالن کان پوءِ ملي ويون

ڄم کان پوءِ اسپتال ۾ ڌار ٿيل 2 جاڙيون ڀينر هڪ ئي شهر ۾ رهندي سالن کان پوءِ ٻيهر ملي ويون.
اهو انڪشاف برطانوي خابرو اداري پنهنجي هڪ رپورٽ ۾ ڪيو آهي.
رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته اوڀر يورپ جي جارجيا ۾ ٻار چوري ڪري بي اولاد جوڙن کي وڪرو ڪيا ويندا آهن.
2005ع ۾ ڄاول ٻن جاڙين ڀينرن کي به ڄمڻ کان پوءِ ماءُ جي ڪوما ۾ وڃڻ بعد پيءُ ٻن ڌار ڌار خاندان کي وڪرو ڪري ڇڏيو هو.
رپورٽ موجب ايمي ۽ اينو نالي ٻئي ڀينرن هڪ ٻئي کي ٽي وي شو ۽ ٽڪ ٽاڪ وڊيو جي ذريعي ڳولي ورتو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.