نواب شاهه: شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي جو ڇهون ڪانووڪيشن، 1452 شاگردن کي ڊگريون، 5 کي گولڊ ميڊل مليا

نوابشاهه ( ويب ڊيسڪ ) شھيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي شهيد بينظير آباد ( ايس بي بي يو، ايس بي اي ) جو ڇهون وائس چائنسلر امانت علي جلباڻي جي ميزباني هيٺ ڪانووڪيشن يونيورسٽي جي مکيا ڪيمپس ۾ ٿيو جنھن جي صدارت نگران تعليم واري وفاقي وزير مدد علي سنڌي ڪئي.
ڪانووڪيشن ۾ بيچلر ۽ ماسٽرز پروگرام ۾ 1452 ڪامياب شاگردن ۾ ڊگريون ورهايون ويون جڏهن ته پوسٽ گريجوئيشن ڪندڙ شاگردن کي پڻ گولڊ ميڊل ڏنا ويا.
ان ۾ مختلف پروگرام ۾ گولڊ ميڊل حاصل ڪندڙ شاگردن ۾ زيب النساءَ ڀٽي، ام فروا سومرو، ڪائنات ميمڻ، سيده شرمين شاهه، ام فروا عاشق شامل آهن
ان کانسواءِ سلور ميڊل کٽيندڙن ۾ اقصيٰ عارف، ساڪشي لوهاڻو، آمنا نذير ميمڻ، مسڪين رياض، زبيده جتوئي، مومنا ميمڻ، مقصودا خاتون چنا، ڪاشف ڪيريو، سيد اقرا، پلوشا ناز سومرو، مصعب لنڌر، محسن جتوئي ۽ ٻيا شامل آهن.
تقريب ڊگريون وٺندڙ شاگردن سان گڏوگڏ سندن والدين پڻ وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.