شهباز شريف بلاول جو نواز شريف کي مناظري جو چئلينج قبول ڪري ورتو

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) ن ليگ جي صدر شهباز شريف بلاول ڀٽو زرداري جو نواز شريف کي مناظري جو چئلينج مشروط طور تي قبول ڪري ورتو.
لياقت باغ راولپنڊي ۾ جلسي کي خطاب ڪندي شهباز شريف جو چوڻ هو ته هڪ سياسي اڳواڻ چيو ته هو نواز شريف سان مناظرو ڪرڻ چاهي ٿو، نواز شريف کي پنهنجي صوبي ۾ معائني لاءِ گھراءِ پوءِ مناظرو به ٿيندو ۽ ڀيٽ به ٿيندي، 8 فيبروري تي فيصلو ٿيڻ آهي ته ڪنهن خدمت ڪئي ۽ ڪنهن ڌِڪو ڏنو.
شهباز شريف جو چوڻ هو ته پنجاب ۾ نواز شريف اسپتالن ۾ مفت دوائون ڏنيون، دل تي هٿ رکي ٻڌايو ته پي ٽي آءِ ڇا ڪيو؟ نواز شريف کي هڪ ڀيرو وري وزيراعطم بڻايو، راولپنڊي کي لاهور نه بڻايو ته منهنجو نالو شهباز شريف ناهي، واعدو ڪريان ٿو ته نواز شريف جي خادم جيان خدمت ڪندس.
ن ليگ جي صدر جو چوڻ هو ته نواز شريف لياقت باغ ۾ جيڪي واعدا ڪيا انهن کي پورو ڪيو، نواز شريف ميٽرو بس منصوبي جي مخالفت ڪئي وئي، ميٽرو بس تي اڄ هر طبقي سان واسطو رکندڙ سفر ڪندا آهن، نواز شريف جي منصوبا ڳڻڻ شروع ڪريان ته شام ٿي ويندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.