ڪراچي ۾ ٿڌ جي لهر، موسميات کاتي جي اهم اڳڪٿي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي ڪراچي ۾ ٿڌ جي شدت وڌيڪ وڌڻ جي اڳڪٿي ڪندي چيو آهي ته رات جي وقت ٿڌيون هوائون گھلنديون.
موسميات کاتي چيو آهي ته ڪراچي ۾ رات جي وقت ٿڌيون هوائون گھلنديون جنهن سبب ٿڌ وڌندي.
موسميات کاتي موجب ڪراچي ۾ ڏينهن جي وقت ڪڪر به ڇانيل رهندا پر برسات جو امڪاني نه آهي، خشڪ هوائون اتر اوڀر کان 5 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان گھلي رهيون آهن.
شهر ۾ گھٽ ۾ گھٽ گرمي پد 12 سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو جڏهن ته وڌ کان وڌ گرمي پد 26 کان 28 ڊگري تائين رهڻ جو امڪان آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.