ميهڙ: ڀرٽ برادري جي ٻن ڌرين ۾ زمين جي مالڪي تان جهيڙو، 2 ڄڻا قتل، 1 زخمي

ميهڙ (ويب ڊيسڪ) ميهڙ ڀرسان سرڪاري زمين جي تڪرار تان ڀرٽ برادري جي ڌرين وچ ۾ جهيڙي جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا جڏهن ته هڪ زخمي ٿي پيو.
سيتا جي ڪچي واري علائقي ۾ ڀرٽ برادري جي ٻن ڌرين ۾ ڪچي جي سرڪاري زمين جي مالڪي جي پراڻي تڪرار تان جهيڙو ٿي پيو.
جهيڙي دوران گوليوڻ لڳڻ سبب هڪ ڌر جون 20 ورهين جو نوجوان علي ۽ ٻي ڌر جو 50 ورهين جو سهراب ڀرٽ مارجي ويا جڏهن ته 40 ورهين جو منٺار ڀرٽ زخمي ٿي پيو.
مارجي ويلن جا مڙهه ۽ زخمي کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سيتا جي اسپتال منتقل ڪيو ويو.
واضح رهي ته ڄاڻايل تڪرار 5 سالن کان هلندڙ آهي جنهن جي نتيجي ۾ هيل تائين 10 ڄڻا قتل ٿي چڪا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.