جي يو آءِ جو پ پ جي چوڻ تي پارٽي بئنر ۽ پرچم لهرائڻ جو الزام

لاڙڪاڻو (ويب ڊيسڪ) جمعيت علماءِ اسلام جي اڳواڻ راشد محمود سومري الزام هنيو آهي ته لاڙڪاڻي ۾ جي يو آءِ جا بئنر ۽ پرچم پ پ جي حڪم تي لاٿا پيا وڃن.
پنهنجي بيان ۾ راشد محمود سومري چيو ته سڄي سنڌ ۾ پرچم ۽ بئنر لڳي رهيا آهن، لاڙڪاڻي مان اليڪشن ڪميشن جي نالي تي اسان جا جهنڊا ۽ بئنر لهرايا پيا وڃن.
هن چيو ته ميونسپل ڪارپوريشن سياسي انتقام وٺڻ ۾ سرگرم آهي، پ پ جي سياست مخالفن جا جهنڊا ۽ بئنر لاهڻ تائين محدود ٿي وئي آهي.
سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن اسان جي پرچم ۽ بئنرن جي جاءِ تي پ پ پنهنجا پرچم لڳائي ته سخت احتجاج ڪنداسين، ميدان ۾ مقابلي جو حوصلو رکو ۽ اهڙا حربا استعمال نه ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.