پاڪستان کي بدنام ڪندڙ ٻاهرين ملڪ رهندڙ ماڻهن خلاف ڪارروائي لاءِ حڪومت جو اهم فيصلو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان 11 ملڪن سان دهشتگردي ۽ سنگين وارداتن جي جوابدارن خلاف قانوني مدد جو فيصلو ڪيو آهي.
ذريعن موجب وفاقي ڪابينا 11 ملڪن سان گڏيل بنيادن تي مدد ڏيڻ ۽ وٺڻ جي منظوري ڏني آهي، وفاقي ڪابينا کان گهرو وزارت جي سمري تي سرڪوليشن ذريعي منظوري ورتي وئي آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان کي بدنام ڪرڻ ۾ ملوث ٻاهرئين ملڪ رهندڙ ماڻهن خلاف به ان ئي بنياد تي ڪارروائي ٿيندي، آمريڪا، برطانيا ۽ روس کي گهربل پاڪستاني جوابدارن خلاف قانوني سهڪار جي منظوري ڏني وئي آهي.
پولينڊ، ميڪسيڪو ۽ ترڪي کي سنگين ڏوهن ۾ گهربل جوابدارن خلاف قانوني سهڪار جي منظوري ڏني وئي آهي.
ذريعن موجب پاڪستان ۾ دهشتگردن کي فنڊنگ ۾ ملوث جوابدارن خلاف افغانستان مان قانوني سهڪار وٺڻ ۽ گڏيل عرب امارتن سان دهشتگردن کي فنڊنگ جي جوابدارن خلاف قانوني سهڪار وٺڻ جي منظوري ڏني وئي آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته برطانيا سان منشيات سمگلنگ ۾ ملوث جوابدارن خلاف قانوني سهڪار وٺڻ جي منظوري ڏني وئي آهي.
ذريعن موجب انهن ملڪن سان معاهدو نه ٿيڻ سبب گڏيل بنيادن تي قانوني سهڪار وٺڻ ۽ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.