دعا زهرا ماءُ پيءُ وٽ وڃڻ بعد اڄ ڪلهه ڪيئن پئي گذاري؟

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي مان ڀڃي لاهور وڃي شادي ڪندڙ دعا زهرا واپس ماءُ پيءُ وٽ وڃڻ بعد پرسڪون زندگي گذاري رهي آهي.

سندس پيءُ مهدي علي ڪاظمي پنهنجي ڌيءُ بابت سوشل ميڊيا ذريعي اپ ڊيٽس ڏيندو رهي ٿو.

پنهنجي تازي فيس بڪ پوسٽ ۾ مهدي علي ڪاظمي دعا زهرا جي اسڪول ۾ ڪارڪردگي جي خوشخبري ٻڌائي آهي.

مهدي علي ڪاظمي پنهنجي پوسٽ ۾ لکيو ته الحمد الله اڄ دعا زهرا سڄي اسڪول جي هڪ اسائنمينٽ مقابلي ۾ تمغه حسن ڪارڪردگي کٽيو آهي. اهو محبت، نيڪ خواهشن ۽ دعاعئن کانسواءِ ممڪن نه هو.

اهو جبران ناصر ايڊووڪيٽ جي سربراهي ۾ قانوني ٽيم جي ڪوششن کانسواءِ ممڪن نه هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.