سنجي ليلا ڀنسالي ” پيار ۽ جنگ “ جي تيارين ۾، تفصيل سامهون اچي ويا

ممبئي (ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ جي مشهور فلمساز سنجي ليلا ڀنسالي جي نئين فلم” لو اينڊ وار “ ۾ سپر اسٽار رنبير ڪپور، عاليا ڀٽ ۽ وڪي ڪوشل اداڪاري جا جوهر ڏيکاريندا.
سنجي ليلا ڀنسالي مداحن اڳيان محبت ۽ جنگ جي نئين ڪهاڻي پيش ڪرڻ جي تيارين ۾ آهي جنهن لاءِ هن لکين دلين تي راڄ ڪندڙ بالي ووڊ سپر اسٽارز کي ڪاسٽ ڪيو آهي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، سنجي ليلا ڀنسالي پنهنجي نئين فلم ” لو اينڊ وار“ لاءِ سپر اسٽار رنبير ڪپور، عاليا ڀٽ ۽ وڪي ڪوشل کي ڪاسٽ ڪيو ويو آهي.
ان ڏس ۾ عاليا ڀٽ پنهنجي انسٽاگرام هينڊل تي مداحن سان نئين فلم جو پوسٽر ۽ تفصيل شيئر ڪيا آهن.
ان کانسواءِ عاليا ڀٽ جي پوسٽ ۾ اِهو به ٻڌايو ويو آهي ته سنجي ليلا ڀنسالي جي فلم ” لو اينڊ وار “ هلندڙ سال نه پر ايندڙ سال ڪرسمس جي موقعي تي رليز ڪئي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.