”ڪنهن به مرد جي چوٿين زال بڻجڻ لاءِ تيار آهيان“

نجي ٽي وي تي مارننگ شو ڪندڙ سوها افضل چيو آهي ته مون کي ڪنهن به مرد جي چوٿين زال بڻجڻ ۾ ڪو مسئلو ناهي، مان ڪنهن مرد جي چوٿين زال بڻجڻ لاءِ تيار آهيان.
سوها افضل ڪجهه ڏينهن اڳ نجي ٽي وي چئنل جي مزاحيا پروگرام ۾ شرڪت ڪئي هئي، جتي هن مختلف مسئلن تي کليل نموني ڳالهايو.
مزاحيا پروگرام ۾ سوها افضل جي مرد طرفان هڪ کان وڌيڪ شاديون ڪرڻ جي معاملي تي ڳالهائڻ جي وڊيو وائرل ٿي وئي، جنهن ۾ هوءَ مرد جي ان حق تي ڳالهائي رهي آهي.
ميزبان کانئس سوال ڪيو ته ٻڌو آهي هوءَ چاهي ٿي مردن کي چار شاديون ڪرڻ گهرجن؟ جنهن تي سوها چيو ته مان ڇا چاهيان ٿي اهو الڳ بحث آهي، مان ته اهو به چاهيان ٿي ته ڪنهن مرد جي چوٿين زال بڻجي وڃان، ان ۾ ڪو کي ڪو مسئلو ناهي.
هن چيو جڏهن خدا مردن کي وڌيڪ شادين جي اجازت ڏني آهي ته انسان ڪير ٿيندا آهن انهن کي روڪڻ وارا؟ تنهن ڪري مان مردن جي چئن شادين جي حامي آهيان.
ٽي وي ميزبان طرفان مرد جي چئن شادين جي حمايت تي سوشل ميڊيا واهپيدارن سندس واکاڻ ڪئي ۽ کيس مزاحيا انداز ۾ جلد ڪنهن مرد سان چوٿين شادي ڪرڻ جو مشورو به ڏنو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.